گڏيل قومون-06 مارچ (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم فلسطين پناهگيرن جي مدد ڪندڙ گڏيل قومن جي ايجنسي (يو اين آر ڊب??يو اي) جو ڀرپور دفاع ڪندي چيو آهي ته اسرائيل طرفان ان کي خت?? ڪرڻ جي مهم باوجود ڪو ٻيو ادارو ان اهم ايجنسي جي جاءِ نٿو وٺي سگهي. پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي مستقل نمائند?? منير اڪرم نيويارڪ ۾ او آءِ سي گروپ جي وقتي چيئرمين جي حيثيت سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب دوران چيو ته اسان گذريل 75 سالن ۾ فلسطين پناهگيرن لاءِ اهم لائيف لائن طور يو اين آر ڊب??يو اي جي ڪردار کي سلام پيش ڪريون ٿا. 193 م??مبرن تي ٻڌل جنرل اسيمبلي جو اجلاس وچ اوڀر ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي بابت بريفنگ لاءِ منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ اسرائيل، آمريڪا ۽ ڪجهه ٻين اولهندي ملڪن طرفان ان الزام ته ان اداري جي عملي جي 12 ميمبرن 7 آڪٽوبر جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي پ??ڪستان جي نمائند?? منير اڪرم او آءِ سي جي نمائندگي ڪندي گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊب??يو اي کي فنڊن جي فراهمي معطل ڪرڻ جي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي فيصلي تي سخت افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان قسم جي قدمن تي فوري طور تي نظرثاني ڪرڻ ۽ فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. منير اڪرم يو اين آر ڊب??يو اي جي ڪمشنر جنرل فلپ لازا ريني جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ تي تعريف ڪئي. جڏهن ته هن غزه جي پ??يشان آبادي کي خدمتون ۽ رليف فراهم ڪرڻ ۾ يو اين آر ڊب??يو اي جي اهم ڪردار جي پڻ تعريف ڪئي. پاڪستان جي نمائنده غزه ۾ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيل فلسطينين تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي فلسطيني عوام جي صورتحال تي روشني وڌي ۽ هنگامي طور تي انساني امداد جو مطالبو ڪيو.
گڏيل قومن ۾ او آءِ سي گروپ پاران يو اين آر ڊبليو اي جي فنڊنگ بحال ڪرڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری