اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آم??يڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- آم??يڪا لاڳاپن سميت ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان موقعي تي آءِ اين اي ايل جو ڪنٽري ڊائريڪٽر لائن نيلسن پڻ موجود هو. وقتي آم??يڪي سفير ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- آم??يڪا لاڳاپن سميت ٻه طرفي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ جي منعقد ٿيڻ تي به ڳا??هه ٻولهه ڪئي ۽ سفير چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گهرو وزير وقتي آم??يڪي سفير سان ڳا??هائيندي چيو ته ايف آءِ اي ??ي ايف بي آءِ جي طرز تي جديد ترين ادارو بڻائڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ آم??يڪا جي سهڪار جي آجيان ڪنداسين. ملاقات ۾ ان ڳا??هه تي اتفاق ڪيو ويو ته آم??يڪا ايف آءِ اي ??ي ايف بي آءِ جي طرز تي جديد رُخن تي آڻڻ ۾ تعاون فراهم ڪندو جڏهن ته آم??يڪا نيشنل فرانزڪ ايجنسيءَ کي ??ديد تقاضائن مطابق فعال ڪرڻ ۾ به معاونت فراهم ڪندو. گهرو وزير چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سگهه وڌائڻ ۾ آم??يڪي سهڪار انتهائي اهميت رکي ٿو. دهشتگردي ۽ هنگامي حالتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز کي ??ديد اوزارن ۽ سامان جي فراهمي وقت جي اهم ضرورت آهي. سول آرمڊ فورسز کي ??ديد اوزارن ۽ سامان سان ليس ڪرڻ اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آم??يڪا وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻَڌل آهن. هن چيو ته قانوني دستاويز رکندڙ ڪنهن به پرڏيهيءَ ??ي اسلام آباد مان نه پيو ڪڍيو وڃي، جڏهن ته غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين ??ي اسلام آباد ۾ رهڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي. وقتي آم??يڪي سفير چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ عورتن جي نمائندگي وڌائڻ تي پاڪستاني عملدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن گهرو وزير کي پوليس آفيسرن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب منعقد ڪرڻ تي به مبارڪ ڏني. ان موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري رفعت مختار راجا پڻ موجود هئا.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ