لاهور-31 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو ??هي ته سک ياترين لاءِ اسان جا دروازا هميشه کُليل آهن، سک ب??ادري جي ويزائن جا مسئلا حل ڪيا ويا، سک ياترين لاءِ پاڪستاني ويزا فيس نه هوندي، ايندڙ سال ڪرڪيٽ چيمپئن ٽرافي ۾ ڀارتين لاءِ اسپيشل ڪوٽا رکي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آمريڪا مان آيل 44 رڪني سک ياترين جي وفد سان هتي اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ??يو. وفد جي اڳواڻي ڊاڪٽر دلوير سنگهه پنون، سرجيت سنگهه هوٿي ۽ ٻين ڪئي. وفاقي گهرو وزير چيو ??ه پاڪستان آيل سک ب??ادريءَ کي مسئلن کي مُنهن ڏيڻو پوندو هو پر ڪ??هه عرصي ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ سک ب??ادري جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان اچڻ جي خواهشمند سک ياترين کي ويزا اِشو جو مسئلو هوندو هو، اسان سک ب??ادري جي سهولت لاءِ ويزائن کي آن لائن ڪري ڇڏيو ??هي. هن چيو ??ه آمريڪي، ڪئنيڊين ۽ يو ڪي پاسپورٽ رکندڙ سک ب??ادري آن لائن فارم جمع ڪرائين ۽ 30 منٽن ۾ ويزا حاصل ڪن. آن لائن ويزا جي ڪا فيس ناهي، اها سهولت ڀارتي ڄاون آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ برطانيه ۾ ترسيل سک ب??ادري لاءِ پڻ آهي. هن چيو ??ه سک ب??ادري لاءِ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، اوهان سال ۾ 10 ڀيرا پاڪستان اچو هر ڀيري اوهان کي ڀليڪار چونداسين. آن لائن ويزا لاءِ صرف فارم ڀرڻو آهي، ويزا 30 منٽن ۾ اوهان جي هٿن ۾ هوندو. محسن نقوي چيو ??ه جهڙيءَ طرح مسلمانن لاءِ سعودي عرب مقدس آهي اهڙيءَ طرح سک ب??ادري لاءِ پاڪستان، جڏهن ته هتي سک ب??ادري جي ٻين ماڳن کي پڻ کوليو ويندو، وزٽ لاءِ اجازت نامي جي ضرورت نه هوندي. هن واضح ڪيو ??ه حسن ابدال، ڪرتارپور، ننڪانه صاحب لاهور کان سواءِ ٻين ماڳن تي به وڃي سگهو ٿا. ان سلسلي ۾ جيڪي مسئلا آهن انهن کي حل ڪنداسين. تازن ڏينهن ۾ پاڪستان حڪومت 124 ملڪن لاءِ ويزا فري ڪئي آهي. آمريڪا ۾ آيل سک ياترين جي وفد مهمان نوازي تي وفاقي وزير جو شڪريو ??دا ڪيو ۽ چيو ??ه فري آن لائن ويزا سروس سان تمام گهڻي سهولت ملي آهي. ان موقعي تي ناليوارو صنعتڪار ڪاشف اشفاق ۽ ٻيا عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
سک ياترين لاءِ اسان جا دروازا هميشه کُليل آهن، ويزائن جا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری