اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 77 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ڀارت سرينگر تي پنهنجي فوج لاٿي ۽ ڄمون ڪش??ير جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو، ڪش??يري عوام ??ي خود اراديت واري حق لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ ڏنل قربانين کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، بنا شڪ جي اهي قربانيون رائيگان نه وينديون، ڀارتي قابض فوج دهشتگردي جي سخت قانونن جي آڙ ۾ ڪش??يرين تي ظلم ڪري رهي آهي. ڪش??ير جي ڪاري ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع کان ڪش??يري عوام ??ي خود اراديت جي جائز خواهش کي دٻايو آهي، ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائو??سل جي لاڳاپيل قراردادن تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪش??ير جي ماڻهن گذريل 77 ??ال?? ۾ وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي، تنهن هوندي به فتح نه ٿيڻ جوڳي خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ جي سندن عزم هاڻي به ايترو ئي پختو آهي جيترو 1947ع ۾ هو. وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن ڪش??يري عوام ??ي خود اراديت واري حق جي مسلسل جدوجهد ۾ ڏنل قربانين کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. محمد شهباز شريف چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع سان والاريل ڄمون ڪش??ير تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪٻئي پٺيان قدم کڻي رهيو آهي. ڀارت جي ناپاڪ ارادن جو مقصد والاريل ڄمون ڪش??ير جي تڪراري حيثيت کي نقصان پهچائڻ ۽ ڪش??يري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جي سندن جمهوري حق کان محروم ڪرڻ آهي. اڄ ڪش??يري عوام پنهنجي روزمره جي زندگي ۽ معاش تي سخت ترين ۽ تڪليف ڏيندڙ پابنديون برداشت ڪري رهيا آهن. سياسي قيدين جو انگ هزارن ۾ آهي. ڀارتي قابض فوج دهشتگردي ??ي خاتمي جي سخت قانونن جي آڙ ۾ ڪش??يرين تي ظلم ڪري رهي آهي. تنهن هوندي به اهي جابراڻا قدم ڪش??يري عوام ??ي خود اراديت واري حق جي تڙپ کي گهٽ نٿا ڪري سگهن. جيئن ته مون تازو ئي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي پنهن??ي خطاب ۾ هڪ دفعو ٻيهر اهو واضح ڪيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جو قيام ۽ ڄمون ڪش??ير جي تڪرار جو پرامن حل صرف ۽ صرف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائو??سل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد سان ئي ممڪن آهي. ڀارت کي اهو ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته هو پنهنجي جابراڻي حربن سان ڪش??يري عوام جي حقيقي امنگن کي دٻائي نٿو سگهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هميشه ڪش??يري ڀينرن ۽ ڀائرن سان پنهنجي پختي يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائو??سل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ڪش??ير جي تڪرار جي حتمي حل تائين انهن جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جار?? رکندو.
ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ ڏنل قربانين کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات