اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير ??ينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ٽيڪسيشن، توانائي ۽ سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ وسيع بنياد تي سڌارن جي عمل کي جاري رکڻ ۽ مجموعي قومي پيداوار جي شرح ??ان ٽيڪس جي شرح کي 13.5 سيڪڙو تائين وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، ٽيڪس ليڪيجز جي خاتمي ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙ شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن اها ڳ??لهه خميس ڏينهن هتي پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم ??ان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ تبديلين جي جامع منصوبابندي جي منظوري ڏني آهي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفي ??عا??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪلي معيشت جي استحڪام تي ڪم جاري آهي، هن موسمياتي تبديلين ۽ ٻارن جي واڌ ويجهه جي سنگين چئلينجن جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ??ان اڻبرابري ۾ اضافو ۽ وچولي مدي کان ڊگهي مدي تائين معاشي ترقي ۽ استحڪام جي رفتار متاثر ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته پاڪستان جامع ۽ همه گير ??رقياتي هدفن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ترقياتي حصيدارن جي فني ۽ مالي مدد ??ان موسمياتي مناسبت جي ڏس ۾ سڌارن ۽ غذائي کوٽ کي روڪڻ لاءِ ??عا??ن جو منتظر آهي. آمريڪي سفير ڪلي معيشت جي استحڪام کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن خاص طور تي ٽيڪسيشن ۽ توانائي جي شعبن ۾ چئلينجنگ ۽ جرئتمنداڻا سڌارا شروع ڪرڻ جي واکاڻ ڪئي. هن فني ۽ ترقياتي قدمن ۾ ٻطرفي ??عا??ن کي وڌائڻ ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي لاءِ اعليٰ معيار جي آمريڪي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ملڪ ۾ وسيع بنياد تي سڌارا جاري رکڻ، ٽيڪس شرح کي 13.5 سيڪڙو تائين وڌائڻ لاءِ پرعزم آهيون: وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil