اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ٻطرفي ت??اون جي مڪمل صلاحيت خاص طور تي وا??ار، توانائي ?? علائقائي رابطن جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب شنگهائي ت??اون تنظيم جي حڪومتي سربراهن ??ي اجلاس ۾ ترڪمانستان جي خاص مهمان طور شرڪت جي آجيان ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان سان پاڪستان جي پر??ڻي?? تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو.
ترڪمانستان جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ڌرين پاران ٻطرفي ت??اون جي مڪمل صلاحيت خاص طور تي وا??ار، توانائي ?? علائقائي رابطن جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. راشد مريدوف شنگهائي ت??اون تنظيم جي حڪومتي سربراهن ??ي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪمانستان جي قيادت پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف کي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن پاڪستان ترڪمانستان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ ويجها بڻائڻ جي لاءِ ترڪمانستان جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو.