ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي ڪراچي ۾ پاڪستان جي باني قائد ??عظم محمد علي جناح رح جي مزار تي گارڊن جي تبديلي جي شاندار تقريب منعقد ٿي. هن ڀيري پاڪستان ايئرفورس اڪيڊمي اصغر خان جي ھڪ چست جٿي قائد ??عظم جي مزار تي گارڊن جون ذميواريون سنڀاليون. ان موقعي تي ايئر آفيسر ڪمانڊنگ، ائير وائيس مارشل شھريار خان تقريب جو خاص مھمان ھو. جاري ڪيل پڌارئي مطابق ايئر وائيس مارشل شھريار خان پريڊ ??و معائنو ڪيو ۽ باباءِ قوم جي مزار تي گل رکيا ۽ دعا ڪئي. قائد ??عظم محمد علي جناح رح جي مزار تي پاڪستان ايئر فورس جا 74 ڪيڊٽس پيشيوراڻين ذميوارين لاءِ مقرر ٿيا، جن ۾ 61 مرد ۽ 13 عورت ڪيڊٽس شامل آھن.
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ