اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪراچي ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پيون، ڪراچي ۾ پاڻ?? جي نيڪال جو مسئلو موجود آهي، تازين برساتن دوران ڪي – اليڪٽرڪ احتياطي قدمن تحت 300 فيڊر بند ڪيا، جيڪي واقعا پيش آيا انهن جو تعلق برسات سان آهي، ان ۾ ڪي – اليڪٽرڪ جي ڪا ڪوتاهي سامهون ناهي آئي، لوڊشيڊنگ رڳو انهن علائقن ۾ ڪئي پئي وڃي جتي بجلي چوري يا لائين لاسز وڌيڪ آهن. هو قومي اسيمبل?? جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن سيد امين الحق، محمد معين عامر پيرزاده، نگهت شڪيل خان ۽ رعنا انصار جي ڪي – اليڪٽرڪ جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏئي رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي ۾ تازين برسات?? جي ڪري ڪي – اليڪٽرڪ احتياطي قدمن تحت پنهنجي 1800 فيڊرز مان 300 فيڊرز کي بند ڪيو، اهي فيڊرز انهن جاين تي بند ڪيا ويا جتي پاڻ?? جي نيڪال جو مسئلو هو. هن چيو ته جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ ڪراچي ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون ٿ??ون، ڪرنٽ لڳڻ جو ڪو واقعو پيش نه آيو، 24 اهڙا واقعا ٿيا جيڪي گهرن ۾ اندروني وائرنگ ۽ شارٽ سرڪٽ جي ڪري پيش آيا، هڪ ايف آءِ آر داخل ٿي جنه?? جي جاچ ٿي ته ان ۾ ڪي – اليڪٽرڪ جي ڪوتاهي سامهون نه آئي. هن چيو ته ڪراچي ۾ تازين برساتن دوران 24 واقعا رپورٽ ٿيا، 24 فوتگيون ناهن ٿ??ون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن کان موجوده حڪومت وجود ۾ آئي آهي، ملڪ ۾ بجل?? جي نظام کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، رڳو انهن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي جتي بجلي چوري يا لائين لاسز وڌيڪ آهن، لوڊشيڊنگ انهي تناسب سان ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪي – اليڪٽرڪ سميت بجل?? جي ٻين ورڇ ڪندڙ ڪمپني?? جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ قدمن تي مسلسل بريفنگ وٺي رهيو آهي. هن چيو ته ڪيپسٽي جا مسئلا بلڪل نه آهن، ڪجهه علائقن ۾ ٽيڪنيڪل فالٽ جي ڪري لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ٽيڪنيڪل فالٽ نه هجي ته لائين لاسز يا بجلي چور?? جي ڪري لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي م ڪجهه واقعا ٿيا جن جو تعلق برسات سان آهي، ان ۾ ڪي – اليڪٽرڪ جي ڪا ڪوتاهي نه ڏٺي وئي. هن چيو ته ڪي – اليڪٽرڪ جي حوالي سان معاملو ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي ته جيئن اسيمبلي ميمبر جا خدشا ختم ٿي سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪي – اليڪٽرڪ سولر ۽ ونڊز پاور پراجيڪٽس جي حوالي سان پنهنجي صلاحيت ۾ اضاف?? جي لاءِ ڪوشش ڪئي آهي، ان ۾ 7 بڊز آيون آهن، شفاف طريقي سان سولر ۽ ونڊز پاور جا پراجيڪٽ هنيا ويندا، ان سان ڪراچي جا ڪيترائي مسئلا حل ٿيندا. ڪراچي ۾ پاڻ?? جي نيڪال جو مسئلو موجود آهي، جنه?? جي ڪري احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻيون پون ٿ??ون. 300 فيڊرز به انه?? جي ڪري بند ڪيا ويا. هن چيو ته ڪيپسٽي پيمنٽس جي حوالي سان نيشنل ٽاسڪ فورس قائم آه?? جيڪا پوري آءِ پي پيز جي نظام تي نظرثاني ڪري رهي آهي. ڪي – اليڪٽرڪ جي منصوبن تي پڻ ٽاسڪ فورس نظرثاني ڪندي، جيڪي خدشا آهن انهن کي ختم ڪيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن به ادار?? جي بجيٽ جي تياري ۾ ا?? جي آپريشنز ۽ مينٽيننس جي لاءِ جدا فنڊز رکيا وڃن ٿا، انهن فنڊز کي مرمت وغيره جي ڪمن تي خرچ ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته جولاءِ دوران معمول کان وڌيڪ برساتون ٿ??ون، جيڪي مسئلا آيا آهن اهي مرمت جي ڪم جي ڪري نه پر پاڻ?? جي نيڪال جي ڪري هئا. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سان ان معاملي ۾ سٺي ڪوآرڊينيشن رهي آهي، پاڻ?? جي نيڪال جي حوالي سان هن تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. توانائي واري وزير کي درخواست ڪنداسين ته ڪي – اليڪٽرڪ جي مينٽيننس بجيٽ وڌائي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه ماڻهن گرڊ اسٽيشن تي حملو ڪيو ۽ زبردستي فيڊرز آن ڪيا، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سان خوش اسلوبي سان معاملا هلي رهيا هئا، جهڙي طريقي سان گرڊ اسٽيشن تي وڃي فيڊرز کي آن ڪيو ويو اهو ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهجيو پئي. خدا نه ڪر?? جيڪڏهن ڪا گرڊ اسٽيشن ٽرپ ڪري وڃي ته ان جو تمام گهڻو نقصان ٿ??ندو. پيسڪو ان معاملي تي قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، اسا?? جي درخواست آهي ته انهن معاملي کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي، گرڊ اسٽيشن تي حملو ڪرڻ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي.
ڪراچي ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پيون، ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪال جو مسئلو موجود آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ