پشاور-04 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختون??وا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبائي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، عوام کي خيبر پختون??وا ڪابينا ۾ تبدي??ي جي سببن کان آگاهه ڪيو وڃي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز ناهن، صوبائي حڪومت کي درخواست آهي ته نوجوانن جي مستقبل سان نه کيڏي ۽ يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز اچڻ ڏيو، هن چيو ته صوبي ۾ 26 يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز ناهن. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي اسيمب??ي جو اجلاس چار ڀيرا معطل ٿي چڪوآهي، وڏو وزير اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت کان پاسو ڪري رهيو آهي، ان صورتحال مان لڳي رهيو آهي ته هو اسيمب??ي جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، ميمبرن جي اڪثريت جي حمايت حاصل ناهي رهي، ان لاءِ بهتر آهي ته وڏو وزير صوبائي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺي. هڪ سوال جي جواب ۾ گورنر تصديق ڪئي ته ڪابينا ۾ ردوبدل جي حوالي سان سمر?? کيس ملي آهي پر سمري تي صحيح ڪرڻ ۾ ڪا جلدي ناهي ۽ نه ئي هن ان تي قانوني ماهرن سان مشاورت ڪئي آهي.
صوبائي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک