ڪراچي-21 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ ج?? وڏي وزير س??د مراد علي شاھه چيو آھي ته ايران ۾ سنڌ واسي پاڪستاني زائرين سان پيش آيل روڊ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي تمام گھڻو ڏک پھتو آھي. ھن ايران جي شھر يزد ۾ روڊ حادثي ۾ شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو ا??ھار ڪيو. وڏي وزير کي آگاھي ڏني وئي ته لاڙڪاڻي مان ڪربلا (عراق) ويندڙ بس کي ايران جي شھر يزد ۾ حادثو پيش آھي جنھن ۾ 35 زائرين شهيد ٿي ويا ۽ 18 زخمي ٿيا آهن، جڏھن ته بس ۾ گڏيل طور تي 53 مسافر س??ار ھئا. وڏي وزير صوبائي وزير س??د ناصر حسين شاھه کي ھدايت ڏيندي چيو ته ايران ۾ متاثر خاندانن جي ھر ممڪن مدد ڪئي وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ قائم ايران جي قونصل جنرل سان رابطو ڪيو وڃي ته جيئن متاثرن جي ترت مدد ڪري سگھجي. ھن وڌيڪ چيو ته حادثي جي فوتين جا مڙھ آڻڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن. وڏي وزير س??د مراد علي شاھ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاھ کي حڪم ڏيندي چيو ته پرڏيھي وزارت سان رابطو ڪيو وڃي ۽ فوتين جا مڙھ وطن آڻڻ لاءِ ترت اپاءَ ورتا وڃن ۽ زخمين کي بھترين طبي سھولتون فراھم ڪيون وڃن ۽ سندن واپسيءَ لاءِ سفري سھولتن جو بندوبست ڪيو وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير پاران ايران ۾ سنڌ واسي زائرين سان پيش آيل روڊ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان