اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ا??ڀر غزه ۾ الطبين اسڪول تي اسرائيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آه??، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ شهري فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي آفيس طرفان جا??ي بيان ۾ ترجمان چيو ته بي گهر ماڻهن کي پناهه ڏيندڙ هڪ پ??اهگيرن سان ڀريل اسڪول تي حملو، خاص طور تي جڏهن اهي فجر جي نماز ادا ڪري رهيا هئا، اهو افسوسناڪ، غير انساني ۽ بزدلاڻو عمل آهي. شهري آبادين ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ عالمي انساني قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. ترجمان زور ڀريو ته اسرائيل کي غزه م انهن جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي جي واقعن تي جوابده هئڻ ??هرجي. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن ۽ اسرائيل جي حامين کان مطالبو ڪيون ٿا ته غزه جي نسل ڪشي جي خاتمي ۽ غزه جي عوام جي تحفظ لاءِ فوري قدم کڻن.
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena