سرينگر-03 آگسٽ (اي پي پي)ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سرينگر ۽ ٻين علائقن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ذريعي ماڻ??ن تي زور ڀريو ويو آهي، ته هو 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشم??ر ڪاري ڏهاڙي طور ملهائن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق نريندر مودي جي قيادت هيٺ بي جي پي جي هندو پرست ڀارتي حڪومت 5 آگس?? 2019ع تي آئي?? جي 370 ۽ 35 اي شقن کي رد ڪري ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي. ان غير قانوني ۽ هڪ طرفي ??ار??وائي خلاف ڪشميري?? جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ سڄي والاريل علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو ويو هو ۽ ڪشمير وادي، ڄمون ۽ لداخ ۾ 500 ڏينهن کان وڌيڪ وقت تائين انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروسز معطل ڪيون ويون هيون. پوسٽرن ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق، آسيه اندرابي ۽ نعيم احمد خان جون تصويرون موجود آهن. پوسٽرن ۾ لکيل آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو عوام 5 آگس?? 2019ع جي قدمن کي واپس وٺڻ، گڏيل قوم?? جي ٺهرائن مطابق ڪشمير تڪرار جي حل، سمورن سياسي نظربند?? جي آزادي ۽ ڀارتي فوجين طرفان والاريل علائقي ۾ جاري انساني حق?? جي ڀڃڪڙي?? جي خاتمي جو مطالبو ڪري رهيو آهي. پوسٽر سماجي رابط?? جي سائٽن ٽوئٽر، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ وغيره تي پڻ اپلوڊ ڪيا ويا آهن.
ڪشميري 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير ڪاري ڏهاڙي طور ملهائيندا، والاريل ڪشمير ۾ پوسٽر لڳايا ويا
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ