اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ڪابينا جي نج??اري بابت ڪميٽي جو اجلاس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڪميٽي جي ٻين ميمبرن بشمول ناڻي واري وزير، نج??اري واري وزير، واپار واري وزير، بجلي واري وزير، صنعت ۽ پيداوار واري وزير، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير کانسواءِ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جي وفاقي سيڪريٽريز پڻ شرڪت ڪئي. ڪابينا جي نج??اري بابت ڪميٽي جي اجلاس کي نج??اري ڪميشن آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 5 (بي) موجب پي سي بورڊ جي سفارشن جي بنياد تي نج??اري واري وزارت جي ذريع?? مرحليوار نج??اري پروگرام پيش ڪيو ويو. نج??اري پروگرام ۾ واپاري جاءِ ۾ فيڊرل فٽ پرنٽ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان کي رڳو اسٽريٽجڪ ۽ ضروري ايس او ايز تائين محدود ڪرڻ شامل آهي. سي سي او پي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته منافعو ڪمائيندڙ ايس او ايز جي پڻ نج??اري تي غور ڪيو ويندو. نج??اري جي پاليسي جي رهنما رخن تي غور ڪرڻ کانپوءِ سي سي او پي ايس او اي ايڪٽ ۽ پاليسي جي روشني ۾ تفصيل سان مالي سال 2020ع کان 2022ع ۾ فيڊرل فٽ پرنٽ اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيزز جي جامع رپورٽ ?? جهلڪندڙ 84 ايس او ايز تي غور ڪيو. سي سي او پي نج??اري پروگرام (29 – 2024ع) جي لاءِ 24 ادارن جي منظوري ڏيندي فيصلو ڪيو ته نج??اري پروگرام ۾ ٻين ايس او ايز کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪابينا جي رياستي ملڪيتي ڪاروباري ادارن بابت ڪميٽي پاران ا??ٽريٽجڪ/ضروري ايس او ايز جي درجابندي جي حوالي سان جائزي جي تڪميل کانپوءِ ڪيو ويندو. جن ا??ارن کي اسٽريٽجڪ يا ضروري طور تي درجابندي ناهي ڪئي وئي، انهن کي پروگرام ۾ سان جي شموليت بابت فيصلي جي لاءِ سي سي او پي جي س??مه??ن رکيو ويندو. سي سي او پي نج??اري ڪميشن وٽ پيل او جي ڊي سي ايل جي شيئرز کي خودمختيار دولت فنڊ يا توانائي واري وزارت (پيٽروليم ڊويزن) کي منتقل ڪرڻ جي تجويز تي پڻ غور ڪيو. فيصلو ڪيو ويو ته ان وقت جي لاءِ جمود برقرار رکي سگهجي ٿو. ان کانسواءِ سي سي او پي مالي سال 25 – 2024ع جي لاءِ ڪميشن جي بجيٽ ڪاٿن جي منظوري ڏني جنهن جي رقم 8169 ملين آهي. چيئرمين ا??لاس جي پڄاڻي ڪندي نج??اري پروگرام کي شفافيت، ڪارڪردگي ۽ مڪمل حڪومتي موقف سان لاڳو ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. چيئرمين پروگرام لاڳو ڪرڻ ۾ سمورين ڌرين جي حمايت ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو.
ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج