اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) پاڪستا?? ”??وڀر يروشلم سميت والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل جي پاليسين ۽ طرز عمل سان پيدا ٿيندڙ قانوني نتيجن“ تي انصاف ج?? عالمي عدالت جي مشاورتي راءِ جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته انصاف ج?? عالمي عدالت جو فيصلو واضح طور تي ثابت ڪري ٿو ته والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل جون غيرقانوني پاليسيون ۽ طرز عمل فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جو احترام ڪرڻ جي ذميواري جي خلاف ورزي آهن ۽ اهو ته اسرائيل جي اها ذميواري آهي ته هو پنهنجي غيرقانوني قبضي کي ختم، غيرقانوني آبادڪاري جون سرگرميون بند ۽ ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪري. پاڪستان جولاءِ 2023ع ۾ انصاف ج?? عالمي عدالت ۾ لکت ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي ۽ بعد ۾ عدالت ۾ جواب به ڏنو هو. پاڪستان ف??بروري 2024ع ۾ انصاف ج?? عالمي عدالت پاران ڪيس تي ٿيندڙ زباني عوامي ٻڌڻي ۾ پڻ حصو ورتو هو. پاڪستان انصاف ج?? عالمي عدالت ۾ فلسطينين جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ اسرائيل جي غيرقانوني حيثيت کي اجاگر ڪيو. بيان موجب پاڪستان عدالت جي مشاورتي راءِ تي فوري ۽ مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪري ٿو. اسان اميد ڪريون ٿا ته عدالت جي اها رولنگ اسرائيلي قبضي جي خاتمي، فلسطينين جي نه کسجڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ ۽ فلسطين جي هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم هوندو جيڪو 1967ع جي سرحدن موجب ۽ ان جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.
پاڪستان پاران انصاف جي عالمي عدالت جي مشاورتي راءِ جي آجيان
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو