اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يونيسيف جي وفد ملاقات ڪئي ۽ پرائيم منسٽر ي??ٿ پروگرام ۽ يونيسيف جي وچ ۾ دلچسپي جي اظهار جي د??تاويز (ليٽر آف انٽينٽ) تي صحيحون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يونيسيف جي وفد پاڪستان ?? يونيسيف جي نمائندي عبدالله اي فاضل جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرائيم منسٽر ي??ٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود پڻ شريڪ هو. وفد وزيراعظم کي پي ايم يوٿ پروگرام ۽ يونيسيف جي وچ ۾ پاڪستان ?? نوجوانن جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافي جي حوالي سان حصيداري کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم يونيسيف جي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ٻارن جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. بعد ۾ وزيراعظم پرائيم منسٽر ي??ٿ پروگرام ۽ يونيسيف جي وچ ۾ گڏيل قومن جي جنريشن ان لميٽيڊ (جين يو) پروگرام جي حوالي سان دلچسپي جي اظهار جي د??تاويز (ليٽر آف انٽينٽ) تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. دستاويز تي پي ايم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود ۽ يونيسيف جي پاڪستان ?? نمائندي عبدالله اي فاضل وزيراعظم جي موجودگي ۾ صحيحون ڪيون. جنريشن ان لميٽيڊ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران 2018ع ۾ شروع ڪيو ويو جنهن جو مقصد نوجوانن کي تعليم، فني تربيت ۽ انٽر پرينيورشپ جي ذريعي باصلاحيت بڻائڻ ۽ شروعاتي تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان ڪم ڪرڻ آهي. جين يو پاڪستان ?? پنهنجا مڪمل آپريشنز شروع ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهيو آهي جنهن ۾ نوجوانن بابت منصوبن ۾ 20 ملين جي شروعاتي سيڙپڪاري پڻ شامل آهي. ان دستاويز تي صحيحن سان نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. جين يو ۽ پي ايم يوٿ پروگرام ان حوالي سان آپريشنل اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تي گڏجي ڪم ڪندا.
وزيراعظم سان يونيسيف جي وفد جي ملاقات، پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ۽ يونيسيف ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔