اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ بريل ۾ ڪتاب ۽ علم جي دستيابي خوش آئنده قدم قرار ??ين??ي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪتاب پڙهڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏئي فڪري ۽ انفرادي ترقي ممڪن آ??ي. هو نيشنل بُڪ فائو??ڊي??ن جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. نيشنل بُڪ فائو??ڊي??ن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راجا مظهر حميد فائو??ڊي??ن جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ??ين??ي ٻڌايو ته نيشنل بُڪ فائو??ڊي??ن ڊسليڪسيا (پڙهڻ ۾ ڏکيائي) کان متاثر ماڻهن جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي، فائو??ڊي??ن ڊسليڪسيا کان متاثر ماڻهن جي لاءِ ڪتاب تيار ڪري رهي آهي، ڊسليڪسيا جي شڪار ٻارن جي لاءِ پريپ کان اٺين درجي تائين ڪتاب تيار ڪيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تعليمي سال 25 – 2024ع ۾ ڊسليڪسيا جي شڪار ٻارن کي ڪتاب فراهم ڪيا ويندا، فائو??ڊي??ن جي ڪراچي ۾ بريل پريس ڏسڻ کان محروم ماڻهن کي رڳو 10 رپين ۾ ڪتاب فراهم ڪري رهي آهي، ڪتابن سان ڏسڻ کان محروم ٻارن جي تعليم تائين پهچ وڌائڻ ۾ مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي 431 اسڪولن ۾ پريپ کان اٺين درجي تائين ڏسڻ کان محروم ٻارن جي لاءِ ڪتاب فراهم ڪيا ويندا، نيشنل بُڪ فائو??ڊي??ن بريل ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب ڇاپي رهي آهي، نيشنل بُڪ فائو??ڊي??ن پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ ڪتابن جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. صدر ملڪ ۾ خواندگي، ڪتاب پڙهڻ جي فروغ ۾ فائو??ڊي??ن جي ڪردار کي ساراهيو.
ملڪ ۾ ڪتاب پڙهڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏئي فڪري ۽ انفرادي ترقي ممڪن آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث