اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سڄي مُلڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي پهرئين ڏينهن ڪ??ترائي نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيا ??هن، چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي يا ??طرو نه آهي، اليڪشن ڪ??يشن پنهنجي واعدي موجب اليڪشن شيڊيول جاري ڪيو ۽ سموري?? رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن فراهم ڪيا ??هن. نجي ٽي وي چينل ”نيوز ون“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته جمهوريت ۾ گوڙ ۽ اختلاف راءِ هوندو آهي، مطالبو ڪرڻ ماڻهن جو حق آهي، اهو حق ملڪ جو آئين ڏي ٿو، ان حق کي کسي نه ٿو سگهجي، شڪايت ڪرڻ اسان جي سياسي ڪلچر جو حصو آهي، سياسي پارٽين کي دائري ۾ رهندي احتجاج جو حق حاصل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ اهڙو ڪو خطرو نه آهي جو ملڪ جي اندر چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي، چونڊون پنهنجي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هڪ سوال جي جواب هن چيو ته چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري اليڪشن ڪ??يشن آف پاڪستان جي آهي، اليڪشن ڪ??يشن پهرين ڏينهن کان پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميواري ادا ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي واعدي موجب اليڪشن شيڊيول جاري ڪيو. اليڪشن ڪ??يشن سموري?? رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊ عمل جي لاءِ 54 ڏينهن جي فراهمي يقيني بڻائي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جا خراب ڏينهن تڏهن شروع ٿيندا جڏهن اسان پنهنجي مقرر وقت کان اڳتي وڃون، اسان آئين ۽ قانون تحت غيرجانبدار رهن??ي پنهنجو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا ??هيون، اسان اليڪشن ڪ??يشن جون ضرورتون پوريون ڪري رهيا ??هيون، جنهن حالت ۾ اسان کي ملڪ مليو هو ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين چونڊيل حڪومت کي ڏئي وينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڄ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو پهريون ڏينهن هو، ڪيترائي نامزدگي ڪاغذ جمع به ٿيا، چونڊن جو عمل معمول موجب جاري آهي.
سڄي مُلڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي پهرئين ڏينهن تي ڪيترائي نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيا آهن، چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي يا خطرو نه آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل