اسلام آب??د – 10 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس ۾ علائقائي ترقي، رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي اي سي او جي هدفن جي لاء?? پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگرا?? وزيراعظم تنظيم جي مستقبل جي ڪم ۽ علائقائي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ لاء?? پاڪستان جو ويزن پيش ڪيو. هن چيو ته نگرا?? وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ علائقائي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته نگرا?? وزيراعظم اسرائيلي قابض فوج پاران غزه تي مسلسل بمباري جي شديد مذمت ڪئي ۽ فلسطين مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو. نگرا?? وزيراعظم چيو ته وڌندڙ عدم رواداري، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا تي عالمي ڌيان جي ضرورت آهي. هن اسلامو فوبيا جي رجحان ۾ اضافي جي خلاف سياسي ۽ قانوني روڪٿام ۽ گڏيل احترام، بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل پرامن بقاءَ کي فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي نگرا?? وزيراعظم آذربائيجان ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. هن اي سي او جي سيڪريٽري جنرل سفير خسرو نوزيري سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ک?? مضبوط بڻائڻ، علائقائي رابطن ۽ ترقي کي فعال طور تي فروغ ڏيڻ ۽ هڪ تنظيم طور اي سي او ک?? مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو.
نگران وزيراعظم تاشقند ۾ 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس ۾ علائقائي ترقي، رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي اي سي او جي هدفن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر