اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت ??ي زور ڏيندي چيو آهي ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز سڄي دنيا جو مسئلو آهي، سوشل م??ڊي?? تي سڀ کان وڏو چئلينج جع??ي خبرون آهن، صحافين کي تربيت جي فراهمي لاءِ ??رطانيا جي جديد م??ڊي?? نصاب مان مدد ورتي ويندي، برطانيا سان م??ڊي?? جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي هاءِ ڪميشن جي پوليٽيڪل قونصلر مس زوئي ويئر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ پاڪ برطانيا لاڳاپن، نفرت ??نگيز بيانن، مس انفارميشن، ڊس انفارميشن جي خاتمي، م??ڊي?? جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ ۽ يو اين ڊي پي جي سيف ڊيجيٽل انوائرنمينٽ پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان برطانيا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، برطانيا سان م??ڊي?? جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته يو اين ڊي پي جي سيف ڊيجيٽل انوائرنمينٽ پروگرام سان غلط معلومات ۽ نفرت ??نگيز بيانن کي سڃاڻڻ ۾ مدد ملندي. اهو پروجيڪٽ آن لائين اسپيس تي غلط ۽ نفرت ??نگيز بيانن جي نشاندهي ڪن??ڙ اهم سرڪاري ادارن ۽ اهلڪارن جي علم، صلاحيت ۽ هنر کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو. نگران وفاقي وزير چيو ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز سڄي دنيا جو مسئلو آهي، جنهن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت ??هي. هن چيو ته سوشل م??ڊي?? تي سڀ کان وڏو چئلينج جع??ي خبرون آهن. هن چيو ته صحافين کي تربيت جي فراهمي لاءِ ??رطانيا جي جديد م??ڊي?? نصاب مان مدد ورتي ويندي. ان ڏس ۾ انفارميشن سروس اڪيڊمي اهم ڪردار ادا ڪن??ي. انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ نفرت ??نگيز بيانن ۽ غلط معلومات جي حوالي سان آگاهي سيشنز پڻ منعقد ڪيا ويندا. ملاقات ۾ فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جي ثقافت ۽ مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اطلاعات واري وزير برطانوي پوليٽيڪل قونصلر کي ملڪ ۾ چونڊن جي حوالي سان سرگرمين بابت آگاهه ڪن??ي چيو ته چونڊون وقت تي ٿينديون، چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪن??ي. برطانوي پوليٽيڪل قونصلر پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.
مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز سڄي دنيا جو مسئلو آهي، سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria