ڪراچي – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صاف، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، نگران حڪومت چونڊن جي لاءِ ماحول سازگار بڻائ??ند??، ميڊيا چونڊن دوران اليڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي، چونڊن ۾ عوام تائين صحيح معلومات جي پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ مستنند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان ملاقات دوران ڳالهائ??ند?? ڪيو. ملاقات ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ، چونڊ عمل دوران ميڊيا کي سهولتن جي فراهمي ??ميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائ??ند?? چي?? ته آئين موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪو امتيازي سلوڪ نه رکيو و??ند??، سمورين سياسي پارٽين سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چي?? ته ميديا چونڊن دوران اليڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي جيڪا اليڪشن ڪميشن جي لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چي?? ته چونڊن ۾ مستنند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي ته جيئن عوام تائين صحيح معلومات جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ ڀرپور تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
صاف، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔