اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته غيرجانبدار ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ نگران حڪومت جو مينڊيٽ آهي، ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻ اليڪشن ڪميش?? جي ذميواري آهي، ڪنهن سياسي پارٽي سان امتيازي سلوڪ نه ٿيندو، چونڊ?? جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا ميسر آهن. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستا?? جي آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، وسيلا به موجود آهن، سيڪيورٽي به آهي ۽ انتظامي مدد به آهي، اليڪشن ڪميش?? جيڪا تاريخ ڏيندي ان تي چونڊون منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته نگران حڪومت جو ڪم اليڪشن ڪميش?? جي هدايتن تي عمل ڪرائڻ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد تي اعتراض غلط آهن، جيڪڏهن ا?? جي وابستگي هجي ها ته هو ٽن چئن مهين?? جي لا??ِ وزير ڇو بڻجي ها؟. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بجلي چوري ختم ٿيندي ته گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ايندي ?? عوام کي ريلي?? به ملندو. هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ نجڪاري جا جيڪي منصوبا منظور ٿيا انهن تي ڪم ڪري سگهون ٿا.
ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ڪنهن سياسي پارٽي سان امتيازي سلوڪ نه ٿيندو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔