اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته ايندڙ چونڊن جي تاريخ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي، اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائي ج??ري رهندي ۽ رياست جي رٽ قائم ڪئي ويندي، حڪومت بجلي صارفين ??ي ريليف ڏيڻ جي معاملي تي جلد فيصلو ڪندي. نجي ٽي وي چي??ل کي انٽرويو ڏيندي هن چي?? ته پارليامينٽ هڪ قانون پاس ڪيو آهي جنهن موجب اليڪشن ڪميشن کي نئين چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. هن چي?? ته چونڊن جي حوالي سان قياس آرائيون ختم ٿيڻ گهرجن ڇو ته اهي مقرر قانون موجب ٿينديون. هن وڌيڪ چي?? ته اسان نگران حڪومت جي مدي کي ڊيگهه ڏيڻ جو ڪو ارادو نه ٿ?? رکون. هن چي?? ته پاڪستان جي تاريخ جي شاگرد جي حيثين سان هو مسلم اقليت جي حقن جي تحفظ ۽ ان کي اڪثريت سان ڏاڍ کان بچائڻ تي قائداعظم جا ٿورا مڃيندو، جيڪڏهن قائداعظم مسلمانن جي لاءِ جدا ملڪ قائم نه ڪري ها ته مسلمانن جي مذهبي ۽ ثقافتي تشخص جو تحفظ مشڪل ٿي وڃي ها. هن چي?? ته هو قائداعظم جي آئين پسندي، برابري ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ کيس ساراهي ٿو. نگران وزيراعظم يقين ڏياريو ته اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائي ج??ري رهندي ۽ رياست جي رٽ قائم ڪئي ويندي، اسان اهي قدم ان لاءِ کڻي رهيا آهيون ته جيئن نئين حڪومت پنهنجي مينڊيٽ سان عوامي مفاد جي لاءِ پنهنجو آساني سان جاري رکي سگهي. هن چي?? ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي ۾ موجوده عسڪري قيادت شامل آهي، اهڙي طرح ڪائونسل هڪ مضبوط آئيني ۽ قانوني ادارو آهي جيڪا ٺوس قدمن ۽ فيصلن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي. هن چي?? ته نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ سٺي ڪوآرڊينيشن هئي جيڪا فيصلن تي عملدرآمد مددگار ثابت ٿي. هن چي?? ته ايس آئي ايف سي اقتصادي بحالي جي لاء?? زراعت ۽ معدنيات سميت ٻين شعبن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن ٻڌايو ته سيڙپڪاري جي وڏن منصوبن تي ڪم ڪيو ويندو ته جيئن ايندڙ حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ اهي ترقي جي مرحلي تي پهچي سگهن. هن چي?? ته پاڪستان جا افغانستان سان گهڻ رخا لاڳاپا آهن ۽ ان سان واپار، دهشتگردي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن جي معاملن تي باقاعده ڳالهه ٻولهه ٿ??ي ٿي. هن وڌيڪ چي?? ته ٻئي ڌريون ان احساس سان ڳالهه ڪري رهيون هيون ته پاڙيسرين کي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي. ملڪ ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته رياست دهشتگردن جي خلاف پنهنجي مضبوطي جو مظاهرو ڪندي ڇو ته ڪنهن به حالت ۾ ڪنهن کي تشدد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. انوارالحق ڪاڪڙ چي?? ته ڪنهن به سياسي پارٽي تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه آهي. 9 مئي جي واقعن جي حوالي سان هن چي?? ته شرپسندن ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جو سهارو ورتو ۽ ان پوري واقعي کي مقامي ۽ عالمي ميڊيا رپورٽ ڪيو. هن وڌيڪ چي?? ته واقعي ۾ ملوث ڏوهارين جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چي?? ته نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراعظم چونڊيو ۽ جڏهن هو پاڪستان ايندو ته ان سان ملڪي قانون موجب سلوڪ ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته ان جو سياسي پارٽين جي قيادت سان ملاقاتون شروع ڪرڻ جو ڪو ارادو نه آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته پاڪستان جي سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا آهن، چي?? دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت بڻجڻ جي راهه تي گامزن آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان هڪ ارب کان وڌيڪ آبادي واري براعظم سان پنهنجي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ”لُڪ آفريقا“ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي. هن چي?? ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان گڏيل اتفاق راءِ سان طئي ٿيل وقت تي پاڪستان جو دورو ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته ڪشمير پاڪستان جي ج??م ۽ روح جو حصو آهي ۽ ڪشميرين پاڻ کي پاڪستان سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. نگران وزيراعظم چي?? ته ڪرڪيٽ سميت راندين تي سياست نه ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت سان ڪرڪيٽ بابت مسئلا رڳو ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدارن کي اٿارڻ گهرجن، اسان پاڪستان ??ي راندين جي لاءِ محفوظ ملڪ بڻائي رهيا آهيون پر اسان ڪنهن ملڪ کي پاڪستان ۾ کيڏڻ تي مجبور نه ٿ?? ڪري سگهون. نگران وزيراعظم چي?? ته هن ڪوئيٽا جي دوري دوران يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان ملاقات ڪئي ۽ هاڻي هو هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي عملدارن سان ملاقات ڪندو ته جيئن تعليم جي شعبي کي درپيش مسئلن تي ڌيان ڏئي سگهجي. هن چي?? ته حڪومت بجلي صارفين ??ي ريليف ڏيڻ جي معاملي تي جلد فيصلو ڪندي.
ايندڙ چونڊن جي تاريخ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي، اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائي جاري رهندي ۽ رياست جي رٽ قائم ڪئي ويندي، حڪومت بجلي صارفين کي ريليف ڏيڻ جي معاملي تي جلد فيصلو ڪندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات