اسلام آباد – 21 – ج??لا??ِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جي خاص معاون ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڏکڻ ايشيا جي لاءِ سينيئر ڊائريڪٽر ريئر ايڊم??ل ايلين لاوباچر هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو ٻن ڏينهن دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وفد ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي، دفاع واري کاتي ۽ وائيٽ هائوس جا ميمبر شامل هئا. هن چيو ته آمريڪي وفد 19 ج??لا??ِ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سان م??اق??ت ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن سميت علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جا آمريڪا سان پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن جن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي طرفن جي عوامي نمائندن ۽ عهديدارن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ايلين لاوباچر پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي مستحڪم ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ آمريڪا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا.
آمريڪي صدر جي خاص معاون ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڏکڻ ايشيا جي لاءِ سينيئر ڊائريڪٽر هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد