اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??يراعظم عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. صدر اردوان وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو پڻ جائزو ورتو. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جو ستون اجلاس قيادت کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا مذهب، ثقافت ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. قيادت ج?? سطح تي باقاعدگي سان رابطو ان اسٽريٽجڪ حصيداري جي نمايان خصوصيت آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو، هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ