اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف فرانس جي دوري تي پيرس پهچي ويو. پيرس ايئرپورٽ تي پاڪستاني سفير، اعليٰ فرانسيسي عملدارن ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي وزيراعظم ??حمد شهباز شريف فرانس جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم ??نهنجي فرانس جي دوري جي دوران گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. فرانس جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ان سربراهي اجلاس ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جا ملڪي ۽ حڪو??تي سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير شيري رحمان، سردار اياز صادق، مريم اورنگزيب ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان اعليٰ سطحي وفد ۾ گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم فرانسيسي صدر پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ??نهنجي دوري دوران مختلف ملڪن جي سربراهن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي دوري تي پيرس پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada