واشنگٽن – 20 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چي?? آهي ته پاڪستان جي نئين سياسي ۽ فوجي قيادت ملڪ جي قانونن ۽ آئين جو احترام نه ڪندڙ دهشتگرد تنظيمن سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪندي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي خوش آمد ڪرڻ واري پاليسي تي عمل پيرا هئي، هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن اسان افغان عبوري حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري سگهون ٿا جنهن جو انهن گروهن تي اثر آهي، ته اسان پنهنجي سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”واشنگٽن پوسٽ“ سان ڊيووس سوئيٽزرلينڊ ۾ هڪ انٽرويو ۾ ڪيو جتي هو ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت ڪري رهي?? آهي. پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان ٽي ٽي پي کي نه رڳو لڪڻ جي جڳهه ڏني پر ان جي قيدين کي آزاد ڪيو جيڪي پاڪستان جي تحويل ۾ هئا ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان سدائين نظرياتي طور تي انهن جي موقف جو همدرد رهي?? آهي. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا پاڪستان کي اميد هئي ته نئين افغان حڪومت ٽي ٽي پي جي خلاف ڪارروائي ڪندي، پ??ڏيهي وزير چيو ته اسان جي اميد ۽ حقيقت ۾ ان جو معاهدو اهو هو ته انهن جي سرزمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيندي، اسان کي اميد آهي ته دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن سا?? تعاون ڪنداسين جيڪو اسان جي لاءِ ڳڻتي جوڳ?? آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ اف??ان??تان ٻئي دهشتگردي جو شڪار آهن، مون کي يقين نه آهي ته افغان حڪومت دهشتگردي جي خلاف پنهنجي طور تي ڪامياب ٿيندي ۽ نه ئي اسان دهشتگردي جي خلاف پنهنجي طور تي ڪامياب ٿينداسين، اسان کي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ?? آهي. پرڏيهي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته جيڪڏهن 2007ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو زندهه رهي ها ته نه رڳو پاڪستان هڪ مختلف جڳهه هجي هي پر خطو مختلف رخ ۾ گامزن هجي ها. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو مقصد پاڪستان کي هڪ جمهوري ملڪ بڻائڻ آهي، اسان سمجهون ٿا ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو واحد رستو جمهوريت آهي. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا هو هلندڙ سال ۾ وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو، پ??ڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ظاهر آهي ته اڳ ۾ چونڊون کٽڻيون پونديون. هن چيو ته منهنجي پارٽي اميد ڪندي ته اسان کٽي وينداسين، پ??ڪستان پيپلزپارٽي جو پنهنجو منشور آهي ۽ پاڪستان کي جيڪي چئلينجز درپيش آهن مون کي يقين آهي ته اسان جي پارٽي جو منشور ملڪ جي اهم مسئلن بشمول مهانگائي ۽ بيروزگاري تي بهترين ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته مون کي يقين نه آهي ته ڪا هڪ پارٽي پاڪستان جا سمورا مسئلا حل ڪري سگهندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن اسان جي پارٽي سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري ٿي ته آئون وزيراعظم طور حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ هڪ اتحادي حڪومت ٺاهينداسين.
پاڪستان جي نئين سياسي ۽ فوجي قيادت ملڪ جي قانونن ۽ آئين جو احترام نه ڪندڙ دهشتگرد تنظيمن سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪندي، عمران خان جي حڪومت ٽي ٽي پي جي خوش آمد ڪرڻ واري پاليسي تي عمل پيرا هئي: بلاول ڀٽو زرداري جو واشنگٽن پوسٽ کي انٽرويو
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ