استنبول – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمن جي نمائش جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ايراني فلمساز پاڪستان پاران فلم انڊسٽري جي لاءِ ڏني و??ندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اها ڳالهه هن او آءِ سي اطلاعات وارن وزيرن جي ڪانفرنس جي 12 هين اجلاس جي موقعي تي ثقافت واري ايراني وزير محمد مهدي اسماعيل سان ملاقات دوران ڪندي چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، ثقافتي ?? عوام جي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات واري و??اقي وزير چي?? ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي سان ثقافتي ?? مذهبي رشتن ۾ ڳنڍيل آهي. هن چي?? ته پاڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. مريم اورنگزيب چي?? ته ايراني فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون. هن چي?? ته پاڪستان حڪومت 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري، ثقافت ?? سياحت جي شعبي تي ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي. غيرملڪي فلمسازن کي مقامي سطح تي فلم ۽ ڊرامن جي گڏيل منصوبن ۾ سهولت ڏني پئي وڃي. ايران جا فلمساز به پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ حڪومت پاران ڏني و??ندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اطلاعات ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ۽ وفدن جي مٽاسٽا تي اتفاق ٿيو. اطلاعات واري و??اقي وزير پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستاني قوم سان يڪجهتي ?? حمايت تي ايران جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ايراني ثقافت واري وزير پاڪستان سان اطلاعات ۽ فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ اطلاعات واري و??اقي وزير کي ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
مريم اورنگزيب پاران ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمن جي نمائش جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر