اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردار?? گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ??لاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ??وجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. پرڏيهي وزير ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين جي ڏس ۾ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سان ??ڪجهتي جي اظهار لاءِ سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي وقت سر دوري کي ساراهيو. هن حڪومت جي جاري ردعمل جي پڄاڻي جي لاءِ گڏيل قومن جي ”فليش اپيل“ جي ذريعي پاڪستاني عوام جي لاءِ عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڀرپور ڪردار تي ان جا ٿورا م??يا. پرڏيهي وزير چيو ته شديد برساتن پاڪستان جي تاريخ جي بدترين قدرتي آفت کي جنم ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جو ٽيون حصو ٻڏي ويو ۽ 33 ملين کان ??ڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان اهم انفراسٽرڪچر ۽ روزگار جي ذريعن کي پڻ زبردست نقصان ??هتو آهي. پرڏيهي وزير ان ??درتي آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل ق??من جو ذڪر ڪندي چيو ته چئلينج پاڪستان جي وسيلن ۽ صلاحيتن کان ??ڌيڪ آهي. هن چيو ته عالمي برادري پاران ??اڪستان جي مدد هن موسمياتي تباهي جو موثر طريقي سان جواب ڏيڻ ۽ پائيدار طريقي سان بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان ??تاثر ??لا??قن ۾ جاري امدادي ڪمن سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل حمايت ۽ تعاون کي ورجايو. هن چيو ته اهو نه رڳو عالمي برادري جي سخاوت ۽ يڪجهتي جو معاملو آهي پر انصاف جو معاملو آهي. سيڪريٽري جنرل عالمي ماليات کي متحرڪ ڪرڻ ۽ پاڪستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن جي لاءِ مالياتي گنجائش وڌائڻ جي لاءِ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. اسلام آباد ۾ پاڪستاني قيادت سان ??نهنجي ملاقاتن کانسواءِ سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان سڀ کان ??ڌيڪ متاثر ٿيندڙ ??لا??قن جو پڻ دورو ڪندو، هو متاثر ??لا??قن ۾ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ??لاقات ۽ امدادي سرگرمين جو مشاهدو ڪندو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔