نوشهره – 31 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي، گهرن جي ٻيهر تعمير جي لاءِ خيبر پختون خواهه جي صوبائي حڪومت قدمن جي رفتار تيز ڪري، ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن جي جلد حل جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، پوري قوم دل کولي متاثرين جي امداد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن نوشهره ٻوڏ متاثر علائقي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي صدر کي مردان پل تي ضلعي عملدارن پاران ٻوڏ جي حوالي سان بريفنگ ڏني ??ئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نوشه??ه جي علائقي ۾ ٻوڏ سبب اٽڪل هڪ لک 50 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ 100 امدادي ڪئمپون لڳايون ويون آهن، ڪئمپن ۾ 25 هزار جي لڳ ڀڳ متاثرين موجود آهن، خيبرپختونخواهه حڪومت ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي رقم ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي، ٻوڏ جي وقت سر اطلاع جي ڪري آبادي ک?? وقت سر محفوظ جڳهه تي منتقل ڪيو ويو، حفاظتي بند پنهنجي صلاحيت کان وڌيڪ ٻوڏ ريلو بر??اشت ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي، گهرن جي ٻيهر تعمير جي لاءِ صوبائي حڪومت قدمن جي رفتار وڌيڪ تيز ڪري. ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن جي جلد حل جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. ه?? چيو ته پوري قوم دل کولي متاثرين جي امداد ڪري. پاڪستاني ??وم سدائين مشڪل وقت ۾ پنهنجي ڀائرن جي دادرسيءَ ڪئي آهي. فوجي ۽ سول ادارن ۽ فلاحي تنظيمن ٻوڏ متاثرين جي امداد جي لاءِ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو.
ٻوڏ متاثرين جي بحالي، گهرن جي ٻيهر تعمير جي لاءِ خيبر پختون خواهه جي صوبائي حڪومت قدمن جي رفتار تيز ڪري: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa