اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان پاڪستان کي وسيع سيڙپڪاري جي ذريعي ايشيا جو صنعتي مرڪز بڻائڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان رائل نووا پرائيويٽ لميٽيڊ جي ب??ني شاهه ۽ چيئرمين جي صلاحڪار شيخ خالد محمد سلمان الخليفه بحريني ڪمپنين جي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ بحريني وفد جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن خاص طور تي صحت، سياحت، هو??ل، مهمان نو??زي، هائوسنگ، زراعت، خوراڪ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ موجود سيڙپڪاري جي وسيع موقعن تي تفصيلي ب??يفنگ ڏني. وفد کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ??طي ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ، نو??وان آبادي، هنرمند افرادي قوت، بي شمار قدرتي وسين ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي ڪري سيڙپڪاري جي لاءِ مثالي جڳهه آهي. بحريني وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي بي شمار موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ هن ايندڙ 6 مهينن ۾ هو??ل اينڊ هاسپيٽليٽي ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي شروعات جو اشارو ڏنو. ان کانسواءِ هن زراعت، ماهيگيري ۽ ڪنسٽرڪشن جي شعبن ۾ پڻ سيڙپڪاري ڪرن جي لاءِ خصوصي دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي ب??ريني سيڙپڪارن کي ترجيحي بنيادن تي هر ممڪن سهولت فراهم ڪن ۽ ان سلسلي ۾ سمورا وسيلا بهتر طريقي سان استعمال ۾ آڻين. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، ??اپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير عبدالواسع، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.
اسان پاڪستان کي وسيع سيڙپڪاري جي ذريعي ايشيا جو صنعتي مرڪز بڻائڻ چاهيون ٿا: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب