اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته عام ماڻهو جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال تي اعليٰ سطح جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪست??ن معاشي لحاظ ک??ن مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم معاشي ٽيم کي هنگامي بنيادن تي معيشت جي بهتري لاءِ سڌارن جي ٺوس حڪمت عملي تيار ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي. هن هر صورت ۾ عام ماڻهو جي معاشي حالت بهتر ڪ??ڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪي مجموعي معاشي صورتحال جي بهتري سان گڏوگڏ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ناڻي واري وزارت پار??ن ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم پريشان ڪندڙ معاشي انگن اکرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، زبير عمر، عائشه غوث پاشا، طارق محمود پاشا، بلال ڪياني ۽ لاڳاپي?? اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
عام ماڻهو جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں