اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته 23 مار?? جو ڏينهن اسان جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قرارد??د لاهور ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي عظيم مقصد جي لاءِ متحد ڪيو، قائداعظم محمد علي جناح، علامه اقبال ۽ تحريڪ آزادي جي اڳواڻن جي قرباني?? سان پاڪستان حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿي. پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جو راز جمهوريت ۾ لڪل آهي، جمهوري روايت?? سان رواداري، ??م آهنگي ۽ برداشت کي هٿي ملندي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستاني معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي جڏهن ت?? اسان ان وچن کي ورجائڻو پوندو ته اسان بزرگن جي نقش قدم تي هلندي پاڪستان کي عظيم تر ملڪ بڻائينداسين. هن چيو ته هلندڙ سال 75 هي?? سالگرهه جي موقعي تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو انعقاد مسلمان دنيا ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جو واضح اظهار آهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري.
23 مارچ جو ڏينهن اسان جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن