اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته وزيراعظم عمران خان چورن، ڦورن ۽ ملڪي خزاني کي بيدردي سان لُٽيندڙن جي خلاف جهاد جو اعلان ڪي?? آهي، ب?? اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ٽيئي ڪرپٽ ماڻهو بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي چڪا آهن، اڄ عمران خان ٽنهي جي اصليت بيان ڪئي آهي، اڃا ته انهن جون وڌيڪ رڙ??ون ٻڌڻ لاءِ ملنديون. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف ڪرپشن ناهي ڪئي ته پنهنجي مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ ڇو نٿو ڏي، هر ڀيري شوباز ٻڌڻي ۾ التوا وٺڻ ڇو پهچي وڃي ٿو؟ جيڪو چوري ڪند?? آهي اهو فرد جرم کان ڀڄند?? آهي، شهباز شريف اهو ثابت ڪري ڇڏي?? آهي ته شهباز شريف سميت سمورن چورن جي آخري آرام گاهه جيل ئي آهي ڇو ته انهن ملڪي خزاني کي بيدردي سان لُٽي?? آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگي قيادت هڪ مهيني ۾ ڪيترن غيرملڪي سفارتڪارن سان ملي ۽ ان ۾ ڇا طئي ٿيو، ٻڌايو وڃي، پهرين آءِ ايم ايف وٽ نه وياسين ته چوندا هئا ته تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي ويندي ويندي ۽ هاڻي جڏهن عوام کي ريليف ڏنو ته چ??ن ٿا ته آءِ ايم ايف پروگرام کان ٻاهر نڪري رهيا آهيون، اهي ماڻهو منافقت جا بي تاج بادشاهه آهن، سدائين ڪوڙ ۽ دوکي جو سهارو وٺندا رهندا آهن، مملڪتي وزير چيو ته دنيا ۾ هن وقت ڏهاڪي جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ٿي آهي، آمريڪا، يورپ جهڙن ملڪن ۾ مهانگائي جو 40 سالن جو رڪارڊ ٽٽي وي?? آهي. وزيراعظم عمران خان ڏينهن رات عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي?? آهي، ماضي ۾ انهن ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪرپشن جي ڪري ملڪي خزاني کي تمام گهڻو نقصان پهتو، ماضي جي حڪومتن جي قرضن تي وياج جي ادائيگي لاءِ حڪومت کي نوان قرض وٺڻا پيا، هن چيو ته سمور??ون اتحادي پارٽ??ون اسان سان گڏ آهن، ميمبرن کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪروڙن جي ٻولي لڳائي وئي سڀئي ميمبر حوصلي سان بيٺل آهن، هن چيو ته پي ٽ?? آءِ جي پارٽي اڪائونٽس تي گوڙ ڪندڙ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جا 17 ڳجها اڪائونٽس سامهون آيا آهن، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجا اڪائونٽس گوشوارن ۾ ظاهر ناهن ڪيا ۽ نه ئي عطيو ڏيندڙن جو رڪارڊ پيش ڪري رهيا آهن، پي ٽ?? آءِ 40 هزار ڊونرز جو رڪارڊ اليڪشن ڪميشن کي ڏن?? آهي، ان جي مقابلي ۾ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ٻڙي تي بيٺل آهي.
وزيراعظم عمران خان چورن، ڦورن ۽ ملڪي خزاني کي بيدردي سان لُٽيندڙن جي خلاف جهاد جو اعلان ڪيو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ