اس??ام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته وز??راعظم عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ادارن جي مض??وطي تي يقين رکي ٿي. مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته اهي حڪومت ۾ هجن ته سڀ سٺو هوندو آهي، مخالف ڌر ۾ هجن ته هر معاملي ۾ ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ انهن جو شيوو آهي، اسان کي اداري کي بدنام نه ڪرڻ گهرجي جڏ??ن اسان روزاني جي بنياد تي دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيا هجون، اسان جا آفيسر ۽ جوان روزانو قربانيون ڏئي رهيا آهن ڪالهه به پاڪ فوج جو هڪ ڪيپٽن ۽ جوان شهيد ٿيا. هن چيو ته ساڍا 3 سال کان اسان ٻڌندا پيا اچون ته عدم اعتماد جي رٿ اچي رهي آهي، هاڻي جڏ??ن ته (ن) ليگ کي عدم اعتماد ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي ته انهن جو دماغي توازن وڃائجي ويو آهي، اڄ (ن) ليگ مون کي ڇو ڪڍيو جي پوزيشن تي اچي بيٺي آهي. مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ کي سدائين ان وقت ٽيليفون ڪالز جي يا?? ايندي آهي جڏ??ن اها سياسي طور تي بند گهٽيءَ ۾ وڃي پهچي ٿي، (ن) ليگ سدائين قومي مفاد تي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏني، لنڊن ۾ ويهي حمدالله جهڙن دشمنن سان ملاقاتون انهن جو شيوو رهيو آهي، ڀڳوڙو بڻجي لنڊن ۾ ويٺل نواز شريف ادارن جي خلاف زهر اوڳاڙيندو رهيو آهي.
وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس