اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان طالبان پاران ان خاطري جو خواهشمند آهي ته افغان سرزمين ان جي خلاف استعمال نه ٿيندي جيئن طالبان چين ۽ آمريڪا کي به ??اطري ڪرائي آهي ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي، افغانستان ۾ افغان عوام جي مرضي جي حڪومت هجڻ گهرجي، پاڪستان افغانستان ۾ امن جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استنبول ۾ ٽي آر ٽي جي پروگرام ”اسٽريٽ ٽاڪ“ ۾ هڪ انٽرويو دوران ڪيو. هن چيو ته اسان ک?? به ??هڙي طرح خاطري ڪرائي وڃي جهڙي طرح چين ۽ آمريڪا کي ڪرائي وئي آهي ته افغان حدون ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿينديون. اها ڳالهه صدر پروگرام جي ميزبان پاران طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ده??تگرد گروپن جي ٻيهر فعال ٿيڻ ۽ افغانستان ۾ نئين حڪومت سان ڪنهن شرط بابت پاڪستان جي موقف جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چئي. هن چيو ته طالبان چين ۽ آمريڪا کي خاطري ڪرائي هئي ۽ پاڪستان لاءِ به ??ها ئي اميد آهي، انهي اصول تي مون ک?? اميد آهي ته افغانستان جي نئين حڪومت پاڪستان سان به ??هڙي طرح جو طرز عمل اختيار ڪندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي منشور ۾ مقرر ڪيل عالمي قدرن ۾ به ??نهي رويي جي حمايت ڪئي وئي آهي. ده??تگردن جي روڪٿام بابت هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي سرحد تي خاردار تار لڳائي آهي، طالبان ک?? افغان عوام جو حقيقي نمائنده تسليم ڪرڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته حڪومت ٻين ملڪن جي مشا??رت سان ڪو به فيصلو ڪندي، پهرين اسان ک?? ان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻو آهي. طالبان جو پاڪستان جي اعتماد جوڳي هجڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ جيڪا به ??ڪومت اقتدار ۾ هجي اسان ان تي اعتماد ڪريون ٿا ڇو ته پاڙيسري جي حيثيت سان امن يقيني بڻائڻو آهي. هن افغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ کي جلد بازي قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان سدائين آمريڪا کي چيو ته جنگ نه پر ڳالهيون ئي بهترين حل آهي، هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ويٽنام جنگ يا افغانستان ۾ سوويت مداخلت کانپوءِ پيدا ٿيندڙ انساني صورتحال جي نتيجي کي وساريو ويو. صدر چيو ته افغانستان جي صورتحال جي لاءِ پاڪستان ک?? ذميدار بڻائڻ فيشن بڻجي چڪو آهي تنهن هوندي به هن واضح ڪيو ته افغانستان ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي اها دنيا جي سامهون آهي، آمريڪا افغانستان ۾ 20 سال قيام دوران 2 کرب ڊالر خرچ ڪيا آهن ۽ ترقي لاءِ سوين ارب سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چيو ته بليم گيم ۽ قرباني جو ٻڪرو تلاش ڪرڻ آسان آهي، جنگ سٽيل ملڪ ۾ استحڪام جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار بابت صدر چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ چئن ڏهاڪن کان جاري تڪرار سبب افغانستان کانپوءِ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ نقصان ک??يو آهي. افغانستان ۾ امن جي بحالي کانپوءِ پاڪستان ڪاميابي حاصل ڪندڙ وڏو ملڪ هوندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته مسئلا تيزي سان حل ڪيا ويندا، هن چيو ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، ان قدم کي افغان عوام کي خيرخواهي جي جذبي طور ياد رکڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ ترقياتي ايجنڊا تي عملدرآمد لاءِ چين، روس، ترڪي ۽ آمريڪا سان رابطي ۾ آهي، هن چيو ته ڀارت سازشي جو ڪردار ادا ڪر رهيو آهي ۽ ان ک?? پاڪستان جي خلاف ڪنهن ٻئي ملڪ جي سرزمين استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن ترڪي سان ٻطرفي دفاعي تعاون تي اعتماد جو اظهار ڪيو تنهن هوندي به ??لاحيتن مان فائدي لاءِ معاشي لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافي تي زور ڏنو، هن ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي بابت پاڪستان جي قدمن تي ترڪي پاران اڻٽر حمايت جو به ??ڪر ڪيو جتي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون جاري آهن.
پاڪستان طالبان پاران ان خاطري جو خواهشمند آهي ته افغان سرزمين ان جي خلاف استعمال نه ٿيندي: صدر
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر