اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيشنل ڪمانڊ اين?? آپر??شن سينٽر (اين سي او سي) پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سائنسي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪيا، وزيراعظم عمران خان جي ويزن ۽ اين سي او سي جي ??ائيڊ لائينز تي عم?? ڪندي حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون جي هڪ متوازن حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن جو محور غريب ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو هو. اين سي او سي جي 500 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ اين سي او سي جي ??وششن جي ??ري پاڪستان ڪورونا جي ??وٿين لهر جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري رهيو آهي، اڄ اسان وٽ ڪورونا وائرس جي شرح ٻين ملڪن جي ??يٽ ۾ تمام گهٽ آهي. سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي کي پوري دنيا ساراهيو، اسان ڪورونا وبا جو به مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي معيشت کي به مضبوط ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ها ته ان جا خوفناڪ نتيجا نڪري سگهيا پئي. هن چيو ته ڪورونا جي محاذ تي ملندڙ ڪاميابيون اين سي او سي جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ دلچسپي جي ??ري ممڪن ٿيون آهن جنهن تي اين سي او سي جي پوري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
اين سي او سي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ سائنسي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪيا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ