اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي ۽ سينٽرل ??زنس ڊسٽرڪٽ من??وب?? سان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو، ٻنهي من??وب?? ۾ ماحوليات جي تحفظ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن راوي اربن سٽي من??وب?? ۽ سينٽرل ??زنس ڊيولپمينٽ من??وب?? تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي راوي سٽي من??وب?? تي هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي من??وب?? ۾ 5400 ايڪڙ زمين حاصل ڪئي وئي آهي جنهن جي مد ۾ ايوارڊ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي من??وب?? تائين آسان پهچ جي لاءِ 17 ڪلوميٽر رستو تعمير ڪيو ويندو. ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي ۾ 450 ايڪڙ زمين کي ايگري فارمز جي لاءِ رکيو ويو آهي، راوي سٽي ۾ سيڙڪاري جي لاءِ ناليواري سيڙپڪار ڪمپنين پ??ران دلچسپي جو ??ظه??ر ڪيو ويو آهي جنهن تي غور ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي لاهور ۾ سينٽرل ??زنس ڊسٽرڪٽ قائم ڪرڻ جي من??وب?? ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سينٽرل ??زنس ڊسٽرڪٽ ۾ ماحوليات جي تحفظ جي لاءِ 10 هزار وڻ لڳايا ويندا، هن وقت ان علائقي ۾ رڳو 1390 وڻ آهن، ان حوالي سان هڪ ٽري ميٽر قائم ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ لڳايو ويندڙ هر وڻ جي داخلا ٿيندي.
راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبن سان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔