اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترجيحي ??عب?? جي هفتيوار جائزي جي سلسلي ۾ زراعت جي ??عب?? جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذ??يعي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي پائيدار ترقي واري پاليسي انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان ٺاهيل فوڊ سيڪيورٽي ڊيش بورڊ تي اڳڀرائي تي بريفنگ ??ني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ڊيش بورڊ کي فني طور تي مڪمل ڪري فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي حوالي ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڊيش بورڊ جي ??دد سان فيصلا سازي لاءِ گهربل ڊيٽا کي حاصل ڪرڻ کي صوبن جي ??دد سان يقيني بڻايو پيو وڃي، ان جي لاءِ صوبن جي لاڳاپيل کاتن جي صلاحيت وڌائي پئي وڃي، اهو به ٻڌايو ويو ته ڊيٽا حاصل ڪرڻ نجي ۽ سرڪاري ذ??يعن کان يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ڊيش بورڊ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ کانسواءِ گهٽ مدي واري جنسن جهڙوڪ ڀاڄين جي کپت ۽ دستيابي جي نگراني به ڪئي ويندي.
وزيراعظم ترجيحي شعبن جي هفتيوار جائزي جي سلسلي ۾ زراعت جي شعبي جي حوالي سان اهم اجلاس
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil