اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهار چيو آهي ته تعم??را??ي صنعت بابت مينوفيڪچرنگ يونٽس ۽ دڪانن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صورتحال جي مسلسل نگراني کي يقيني بڻايو پيو وڃي، هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪاروبار بند رهندو جڏهن ته ان??ن ٻن ڏينهن ۾ به دوائن ۽ ضرورتن جي شين جي دڪانن کي کولڻ جي اجازت هوندي. قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا جي وبا جي ڏس ۾ لاڪ ڊائون کانپوءِ 14 اپريل کان تعم??را??ي صنعت کي جزوي طور تي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته ايندڙ هفتي کان پي وي سي پائيپس، ان??ن جي مينوفيڪچرنگ يونٽس، سيرامڪس اينڊ سينيٽري ويئرز، ڪيبلز، اسٽيل ۽ ايلومينيم يونٽس ۽ ان??ن جا دڪان ۽ هارڊ ويئرز جي دڪانن سميت تعم??را??ي صنعت سان لاڳاپيل ٻين شعبن جي دڪانن ۽ مينوفيڪچرنگ يونٽس کي کوليو ويندو.
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن