بيجنگ – 02 نومبر (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان ۽ چين جي صدر شي جن پنگ جي ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن سي پ??ڪ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي ان جي ڪاميابين تي اطمينان جو ا??هار ڪيو ۽ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ فائدن جي لاءِ ان کي جلد مڪمل ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ٻط??فن لاڳاپن جو جائزو و??تو?? گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ وڌندڙ سياسي ۽ اق??صادي بي يقيني واري حالتن تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات پيپلز گريٽ هال ۾ ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان گڏيل مفادن جي تحفظ، گڏيل تصورن ۽ ڊگهي مدي واري نظام جي فروغ لاءِ چين سان گڏ بيٺل آهي، غربت جي خاتمي ۽ بدعنواني جي خاتمي جي شعبن ۾ چين جي تجربن مان سکڻ جا خواهشمند آهيون.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر