اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بدعنواني جو خاتمو ۽ ڦريل دولت جي واپسي وڏا چئلينجز آهن، وائٽ ڪالر ڏوهن ک?? منهن ڏيڻ ??ي لاءِ ايف آءِ اي ۽ نيب جي وچ ۾ وسيع تر رابطي جي ضرورت آ??ي، گهربل هدف حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ گهرو وزارت ۽ ان سان لاڳاپي?? کاتن بابت بريفنگ جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم جي اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، وزيراعظم جي خصوصي معاون نعيم الحق ۽ افتخار دراني، قومي اسيمبلي ميمبر شهريار آفريدي، گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر، وزيراعظم جي سيڪريٽري اعظم خان ۽ گهرو وزارت جي مختلف کاتن جي سربراهي ڪندڙ سينيئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی