اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان، ايران، چين، ترڪيءَ، روس ۽ افغانستان اهڙا پاڙيسري، دوست ۽ ڀائر ملڪ آهن جن جي جاگرافيائي، گڏيل قدر ۽ خيال ۽ هڪ جهڙيون حالتون پنهنجي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا وسيع موقعا فراهم ڪن ٿيون، اسان جي جاگرافيائي و??جه??ائپ تاريخ جي ڌارا ب??لائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، دهشتگردي هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن خطي جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مسئلا پيدا ڪيان، پاڪستان ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي، دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جي هٿياربند فوج خصوصي تجربو ۽ مهارت رکي ٿي جنهن مان اسان جا پاڙيسري ملڪ به فائدو کڻي سگهن ٿا، ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي سمورن د??ستن کي مخلصاڻي تعاون جي آڇ ڪريون ٿا. 6 ملڪن جي پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس کي خصوصي مهمان طور خطاب ڪندي صدر چيو ته خطي جي اهم ترين د??ست ۽ ڀائر ملڪن جي اسپيڪرز جي ميزباني منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي. آئون اسلام آباد ج?? خوبصورت فضائن ۾ دل جي گهرائي سان توهان سڀني جي آجيان ڪريان ٿو.
پاڪستان، ايران، چين، ترڪيءَ، روس ۽ افغانستان پاڙيسري، دوست ۽ ڀائر ملڪ: صدر
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم