ريوڊي جنيرو-18 نومبر (اي پي پي) چين جو صدر شي جن پنگ برا??يل جي هم منصب سيولولاڊي سلوا جي دعوت تي 19 هين جي – 20 اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ريوڊي جنيرو پهچي ويو. چيني ميڊيا مطابق سومر ڏينهن ريوڊي جنيرو پهچڻ تي صدر شي جن پنگ چيو ته چين ?? برا??يل سٺا دوست ۽ شراڪتدار آهن جيڪي گڏ گڏ اڳتي وڌي رهيا ??هن. تازن سالن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ سهڪار جا ثمر مليا ??هن. هن چيو ته ٻئي ملڪ عالمي سطح تي گلوبل انصاف جو آواز بلند ڪندي عالمي ا??ن ۽ ترقي لاءِ اهم خدمتون سر انجام ڏئي رهيا ??هن. هن جو چوڻ هو ته هلندڙ سال ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 50 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، اميد آهي ته هن دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ گڏيل اعتماد، سمورن شعبن ۾ ڏي وٺ ۽ سهڪار ۾ اضافو ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II