ليما -10 جولاءِ (اي پي پي) پيرو ۾ 22 سال اڳ لاپته ٿيل آمريڪي جبل چاڙهو جو لاش اينڊيز جي پهاڙي سلسلي ??ي برف ڳرڻ جي نتيجي ۾ پاسپورٽ ۽ ٻئي سامان سميت م??ي ويو آهي. ميڊيا مطابق 59 سالن جي وليم اسٽامپفل جون 2002ع ۾ ان وقت گم ٿي ويو هو جڏهن صوبي يونگي ۾ 22 هزار فٽ بلند ”هواسڪرن“ جبل تي برفاني ڇپ ڪرڻ ??ان سبب ان هيٺان اچي هو گم ٿي ويو. پيرو جي پوليس ٻڌايو ته وليم اسٽامپفل جو لاش، ڪپڙا، جبل چڙهڻ وارو سامان ۽ پاسپورٽ سڀئي انتهائي گهٽ گرمي پد ج?? ڪري محفوظ رهيا جن مان پوليس کي ان جي سڃاڻپ ۾ مدد ملي. ياد رهي ته وليم اسٽامپفل ٻيو سياح آهي جنهن جو لاش انهن جبلن وچ مان مليو آهي، ان ??ان پهرين 41 سالن ??ان پوءِ لاپته ٿيل عورت جبل چاڙهو مارٽا اميليا الٽميرانو پيٽي جو لاش گذريل سال مليو هو.
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores