تهران -18 جولاءِ (اي پي پي ) ايران آمريڪي ميڊيا پاران لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايران اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قتل جي سازش ۾ ملوث آهي. ارنا موجب ايراني پرڏيهي وزير جي ترجمان ناصر ڪنعاني چيو آهي ته ايران ٽرمپ تي هٿياربند حملي ۾ ملوث ??جڻ کي سختي سان رد ڪري ٿو. گڏيل قومن ۾ ايران جي نمائندي چيو ته آمريڪي صدارت لاءِ ريپبلڪن صدارتي اميدوار کي قتل ڪرڻ ج?? منصوب?? ۾ ??يران جي ملوث هجڻ ج?? الزام بي بنياد آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل