ماسڪو-04 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ سهڪار کي ????ي ملي رهي آهي، توانائي کي ??ٿي وٺرائڻ ۽ اقتصادي سهڪار ٻنهي ملڪن ل??ءِ اهم آهي. ماسڪو ۾ جاري پاڪستان ۽ روس وچ ۾ نائين بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس جي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ڏهاڪا پراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان روس سان پن??نج?? دوستاڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وس??ع موقعا موجود آهن. روس جي وزير چيو ته روس ۽پاڪستان جا لاڳاپا پراڻي دوستي ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن. پاور ڊويزن موجب روس ۽ پاڪستان وچ ۾ 8 معاهدن تي صحيح ڪئي وئي. ڪامسيٽس ۽ پشاور يونيورسٽي جا روسي تعليمي ادارن سان معاهدا ٿيا جڏهن ته نيوٽيڪ جو به روسي يونيورسٽي سان معاهدو طئي ٿيو آهي. ٻين معاهدن ۾ انسولين جي تياري جي حوالي سان به ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدا طئي ٿيا. ٻطرفي واپار ۽ صنعتي شعبي ۾ سهڪار بابت به معاهدو طئي ٿي ويو. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپاري ۽ معاشي سهڪار کي ??ٿي وٺرائڻ جي حوالي سان به معاهدي تي صحيح ڪئي وئي.
روس ۽ پاڪستان وچ ۾ 8 معاهدن تي صحيحُون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام