اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پارليامينٽ جي ڪنهن به ??يوان لاءِ ڪنهن به ??ميدوار جي ڪل ووٽن جو 50 سيڪڙو کان گهٽ ووٽ حاصل ڪرڻ تي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي آئيني درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. درخواست جي ٻُڌڻي ڪالهه جس??س امين الدين خان جي اڳواڻيءَ ۾ آئيني بينچ ڪئي ۽ درخواستگذار تي 20 هزار رپيا ڏ??ڊ لاڳو ڪندي ان کي خارج ڪيو ويو. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جس??س جمال خان مندوخيل، جس??س محمدعلي مظهر، جس??س عائشه اي ملڪ، جس??س سيد حسن اظهر رضوي، جس??س مسرت هلالي ۽ جس??س نعيم اختر افغان شامل هئا. عدالت درخواستگذر محمد اڪرم کان درخواست جي باري ۾ آئيني بنيادن تي سوال ڪيا ۽ واضح ڪيو ته موجوده نظام ڪنهن به ??ميدوار کي وڌ کان وڌ ووٽ حاصل ڪرڻ جي بنياد تي فاتح قرار ڏنو آهي، چا??ي اهي 50 سيڪڙو تائين هجن يا نه. جس??س محمدعلي مظهر پُڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ آئين جي ڪنهن آرٽيڪل تحت ڪل ووٽن جو 50 سيڪڙو کان گهٽ حاصل ڪندڙ اميدوار کي ناڪام قرار ڏئي سگهي ٿي. جس??س عائشه ملڪ به پُڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن وڌ کان وڌ پر 50 سيڪڙو کان گهٽ ووٽ کڻندڙ اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو ته آئين جي ڪهڙي آرٽيڪل جي خلاف ورزي هوندي؟ معزز عدالت قرار ڏنو ته موجوده نظام قانوني آهي ۽ جيڪڏهن درخواستگذار قانون ۾ تبديلي چا??ي ٿو ته ان کي نئين قانونسازيءَ لاءِ پارليامينٽ سان رجوع ڪرڻ گهرجي. جس??س مسرت هلالي چيو ته هر شهريءَ کي ووٽ ڏيڻ جو حق آهي پر سپريم ڪورٽ اهل ووٽرز کي پولنگ ۾ حصو وٺڻ تي مجبور نٿي ڪري سگهي. ان موقعي تي جس??س جمال خان مندوخيل پُڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار گذريل عام چونڊن ۾ پنهنجو ووٽ نه وِجهڻ جو اعتراف ڪيو آهي. عدالت غير ضروري قانوني چاره جوئي سان عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ تي درخواستگذار تي 20 هزار رپيا ڏ??ڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
پارليامينٽ جي ڪنهن به ايوان لاءِ ڪنهن اميدوار جي ڪل ووٽن جو 50 سيڪڙو کان گهٽ حاصل ڪرڻ تي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي آئيني درخواست رد
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں