باڪو – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت وا??ي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ عالمي ماحولياتي ??حر??نن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ثقافت تي ٻڌل ماحولياتي قدمن تي زور ڏيندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي اڄ جي دور جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻ لازمي آهي. اها ڳالهه هن ڪوپ 29 ڪانفرنس جي موقعي تي ثقافتي ورثي ۽ موسمياتي تبديلي تي اعليٰ سطحي وزارتي ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير آذربائيجان، گڏيل عرب امارات ۽ برازيل پاران ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ وادي??َ سنڌ جي تهذيب موجود آهي جنهن کي طاقتور سنڌو درياءَ جي ڪنارن ۽ معاون ندين گهيري رکيو آهي، پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڏو درياءَ رکندڙ ملڪن مان هڪ آهي. هن چيو ته هتي يونيسڪو جو ثقافتي ورثو موهن جو دڙو 2500 قبل مسيح جو آهي. پاڪستان دنيا جي 13 بلند چوٽين مان چار جو مالڪ آهي جن ۾ ڪي ٽو به شامل آ??ي جيڪا دنيا جي ٻي بلند ترين چوٽي آهي جيڪا گلگت بلتستان ۾ موجود آهي، هتي هڪ وڏي آبادي رهي ٿي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته اڄ جڏهن اسان هتي ان ڳالهه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته اسان پنهنجي انهن ثقافتي ورثن کي ڪيئن محفوظ بڻائي سگهون ٿا ۽ پنهنجي ذهانت ۽ تخليقي صلاحيتن کي پنهنجي وقت جي سڀ کان وڏي چئلينجن مان هڪ موسمياتي تبديلي جي عالمي ??حر??ن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح استعمال ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا جا ملڪ موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏئي رهيا آهن، عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو رڳو 0.5 سيڪڙو آهي پر جڏهن نقصان جي ڳالهه اچي ٿي ته اسان ان چئلينج کي منهن ڏيندڙ دنيا جي سرفهرست 10 ملڪن ۾ شامل آ??يون، شديد ٻوڏ، وڌندڙ گرمي پد ۽ اسان جي ثقافت ۽ قومي ورثي جي لاءِ وڏو خطرو آهي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته 2022ع ۾ اسان کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، مقامي ماڻهن سميت هزارين ماڻهو بي گهر ٿيا، جڏهن اسان نقصان جو حساب لڳايون ٿا ته اسان کي 30 ارب ڊالر جو نقصان، ٿيو، اسان کي نه رڳو زندگين ۽ روزگار جي ذريعن پر ثقافتي ورثي کي وڃائڻ جو پڻ خطرو آهي. اسان کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي جديد ترين ۽ جامع خيالن کي سامهون آڻڻ جي لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته اسان جون ڪوششون هر وقت ۽ جامع هجڻ گهرجن. اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته موسمياتي تبديلين کان بچڻ جي لاءِ قدم اسان جي پاليسين ۾ شامل هجن، پاڪستان ان موقف تي قائم آهي. وفاقي وزير چيو ته ثقافت جي اصل طاقت ان جي زندگين کي تبديل ڪرڻ جي صلاحيت ۾ آهي ۽ ماڻهن کي پنهنجي حدن کان اڳتي وڌڻ جي قابل بڻائي ٿي. ثقافت رڳو ماضي جي وراثت نه آهي پر اها هڪ زندگي، ساهه کڻندڙ قوت آهي جيڪا اسان جي حال کي جوڙي ٿي ۽ اسان کي هڪ بهتر مستقبل بڻائڻ جي لاءِ بااختيار بڻائي ٿي. هن چيو ته ثقافت جي ذريعي اسان لچڪ، جدت ۽ يڪجهتي ماڻيون ٿا ۽ انهن ئي خصوصيتن جي ذريعي اسان کي موسمياتي تبديلي جي ??حر??ن جو مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. عطاءُ الله تارڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ڪندي چيو ته اچو گڏجي هڪ اهڙي دنيا جي تعمير ڪريون جتي ثقافت، زندگين کي تبديل ڪرڻ، برادرين کي بلند مقام ڏيارڻ ۽ پائيدار مستقبل جي لاءِ حل جي ترغيب ڏني وڃي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير پنهنجي تقرير جي پڄاڻي حديث مبارڪه سان ڪئي ته اسان جي پياري نبي رسول ﷺ جو ارشاد آهي ته جيڪڏهن قيامت قائم ٿي رهي هجي ۽ توهان مان ڪنهن جي هٿ ۾ وڻ هجي ۽ اهو ان ڳالهه تي قادر هجي ته قيامت قائم ٿيڻ کان اڳ هو ان کي لڳائي وٺندو ته ضرور لڳائي.
عالمي ماحولياتي بحرانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ثقافت تي ٻڌل ماحولياتي قدم کنيا وڃن، تي موسمياتي تبديلي اڄ جي دور جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری