اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾”ڪيس ڪيڊ“ پوليس خدمت مرڪز جو دورو ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سفارتڪارن ۽ پرڏيهي شهرين لاءِ جديد سهولتن سان ليس خدمت مرڪز جي قيام جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم پوليس خدمت مرڪز جي قيام لاءِ گهرو و??ير محسن نقوي جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سفارتي برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. اسلام آباد ۾ عالمي معيار موجب ۽ حاضر دور جي گهرجن کي نظ?? ۾ ??کندي ڪيس ڪيڊ خدمت مرڪز جو قيام واکاڻ جوڳو آهي. خدمت مرڪز ۾ سفارتي برادري ۽ پرڏيهي شهرين کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ۽ تجديد ڪرڻ، ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ، جنرل پوليس ويريفڪيشن، گمشدگي رپورٽ، مسواڙين ??ي رجسٽريشن، فارنرز رجسٽريشن، گهريلو ملازمن جي رجسٽريشن، والنٽيئرز رجسٽريشن، گاڏين ??ي ويريفڪيشن ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي ??اصل ڪرڻ جهڙيون خدمتون مهيا ڪيون وينديون. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو و??ير محسن نقوي به ساڻس گڏ هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ”ڪيس ڪيڊ“ پوليس خدمت مرڪز جو دورو
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر