اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پرو??يس?? احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم جي وسيع سوچ موجب اس??ام آباد کي آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ علائقائي جدت جو مرڪز بڻايو پيو وڃي، اس??ام آباد آءِ ٽي پارڪ ۾ جديد سهولتن جي فراهمي ذريعي آءِ ٽي ڪمپنيون ۽ اس??ارٽ اپس کي فني ۽ انتظامي مدد فراهم ڪئي ويندي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن هتي اس??ام آباد آءِ ٽي پارڪ منصوبي جي اڳڀرائي جي جائزي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير شزه فاطمه خواجه، رٿابندي واري وزارت ۽ آءِ ٽي جا سينئر عملدار ۽ ڏکڻ ڪوريا جي سفير سميت ڪورين سفارتخاني جا ٻيا آ??يس?? به شريڪ هئا.پرو??يس?? احسن اقبال اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي ويزن تي زور ڀريو، جنهن جو مقصد اس??ام آباد کي آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ علائقائي جدت جو مرڪز بڻائڻ آهي. هن پاڪستان ۾ پائيدار ڊجيٽل معيشت جو بنياد رکڻ ۽ منصوبي جي وقت سر تڪميل لاءِ جامع ۽ مربوط ترقياتي حڪم عملي اختيار ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اس??ام آباد آءِ ٽي پارڪ 66893 چورس ميٽر ايراضي تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ٻه تهه خانه ، هڪ گرائونڊ فلور ۽ 9 اضافي منزلون آهن. اهو منصوبو ڪوريا جي اقتصادي ترقياتي مدد جي فنڊ ۽ پاڪستان جي سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام وچ ۾ مالي تعاون سان تيار ڪيو پيو وڃي. ان 88.384 ملين ??ال??ن جي لاڳت سان منصوبي ۾ 76.310 ملين ??ال??ن جو قرض ڪورين ايگزم بئنڪ فراهم ڪري رهي آهي جڏهن ته باقي 12.476 ملين ??ال?? پاڪستان حڪومت طرفان فراهم ڪيا ويا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اس??ام آباد آءِ ٽي پارڪ ۾ جديد سهولتن جي فراهمي ذريعي آءِ ٽي ڪمپنين ۽ اس??ارٽ اپس کي فني ۽ انتظامي مدد فراهم ڪئي ويندي، جيڪا پاڪستان کي عالمي آءِ ٽي صنعت ۾ مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻائيندي. پارڪ ۾ 120 آفيس اس??يسز، اس??ارٽ اپس لاءِ 15 آفيسن تي ٻڌل انڪيوبيشن سينٽر، بزنس سپورٽ سينٽر، صنعت – اڪيڊمي رابطا مرڪز، بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي، ٽائر III ڊيٽا سينٽر، R&D آءِ ٽي ليبز، آڊيٽوريم ۽ ورچوئل ڪلاس رومز شامل آهن جيڪي تحقيق ۽ تربيت کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ٿيندا. پاڪستان ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سفير پارڪ ڪي جون پاڪستان سان ان تاريخي منصوبي تي ويجهي تعاون لاءِ ڪوريا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ آءِ ٽي منصوعات جي روانگي واپار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ حصيداري کي هٿي ڏيڻ تي ڪوريا جي دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير ٽيڪسلا ۾ گنڌارا آءِ ٽي يونيورسٽي جي قيام جي تجويز ڏني، جنهن جو مقصد تعليم ۽ جدت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ان منصوبي تحت يونيورسٽي لاءِ زمين فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ڪوريا جي هڪ اعليٰ تعليمي اداري کي پاڪستان ۾ موجودگي قائم جي آجيان ڪري ٿي. اهو قدم گنڌارا جي قديم ورثي کي محفوظ رکندي ٽيڪسلا کي هڪ جديد تعليمي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جيڪا خطي ۾ تعليمي فضيلت جي هڪ نئين دور جو آغاز ثابت ٿيندي.
حڪومت اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : bolão quina